اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) خا??ون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لازمي آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن ۽ نئين نسل جي تعمير ۽ تربيت ئي ملڪي ترقي جا ضامن آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ غيرسرڪاري تنظيم ليفٽ ويلفيئر فائونڊيسشن جي اهتمام هيٺ اسڪولن کا?? ٻاهر ٻارن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته غيررسمي تعليم کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ خوشي جو سبب آهي. ٻارن کي هتي کلندي ڏسي دلي سڪون ۽ خوشي محسوس ٿي رهي آهي. خا??ون اول چيو ته اسان تعليم جي سڀ کان وڏي بحران مان گذري رهيا آهيون. اسڪول کا?? ٻاهر ٻارن جي ضرورتن کي تسليم ڪند?? انهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ هتي موجود آهيون ۽ انه?? ٻارن کي هتي ڏس?? ان ڳالهه جو ??ه اطمينان ٿيو ته اسان جا اهي ٻار ملڪ جو مستقبل روشن ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهي ٻار ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. بيگم ثمينه عارف چيو ته يونيسيف جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن وقت 5 سالن کان وٺي 16 سالن تائين جي عمر جي 22.8 ملي?? ٻار اسڪول کا?? ٻاهر آهن، جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي. اسان کي پنهنجي محدود وسيلن سان انهن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ گهرجي. خا??ون اول چيو ته ملڪ ۾ تعليم خا?? طور تي اسڪولن کا?? ٻاهر ٻارن ۽ ٻارڙين جي تعليم تي ڀرپور ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هر ٻار ۽ ٻارڙي کي تعليم يافته هجڻ گهرجي. هن چيو ته ڇوڪرين جي تعليم کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. اسڪولن کا?? ٻاهر ٻارن کي پڙهائڻ جو نظريو تمام سٺو آهي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته انسانيت جي خدمت هڪ سٺو ڪم آهي، ٻار ملڪ جو مستقبل آهن، ملڪ جي ترقي جو دارومدار انهن تي ئي آهي. اسڪولن کا?? ٻاهر ٻار معاشري ۾ اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. تعليمي شعبي ۾ پنهنجي خدمتن جو ذڪر ڪندي خا??ون اول چيو ته ه?? ٻارڙين جي تعليم جي سدائين حوصلا افزائي ڪئي آهي. گادي واري شهر سميت سڄي ملڪ ۾ ناخواندگي جي شرح کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسان وٽ قدرن جي گهٽتائي ٿي وئي آهي، ٻارن کي منشيات کان بچائڻ به لازمي آهي. هن ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن کي خا??ري ڪرائي ته انهن اسڪولن ٻاهر ٻارن جي تعليم لاءِ معاونت ڪئي وڃي. تقريب کي ليفٽ ويلفيئر فائونڊيشن جي صدر عروج ملڪ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عاصمه ملڪ ۽ عظميٰ توفيق به خطاب ڪيو. تقريب جي آخر ۾ خا??ون اول بيگم ثمينه عارف علوي اسڪولن کا?? ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ تي مختلف شخصيتون ۽ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۾ شيلڊز ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا.