اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽي?? کي پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز جي لاءِ آجيان چوندي چيو آهي ته ٽيسٽ سيريز ٻنهي ٽي??ن ۽ مداحن جي لاءِ تاريخي لمحو آهي. سومر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان 2005ع کانپوءِ پهريون ڀيرو انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽي?? کي پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز جي لاءِ آجيان ڪري ٿو. ٻنهي ٽي??ن ۽ سندن مداحن جي لاءِ اهو هڪ تاريخي لمحو آهي. هن چيو ته ايونٽ منعقد ڪرڻ جي لاءِ برطانوي هائي ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سميت سڀني شريڪ ٿيندڙن جُون اڻٿڪ ڪوششون ساراهه جوڳيُون آهن. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ه?? دلچسپ سيريز جا منتظر آهيُون.