اسلام آباد– 23 – نو??بر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته دفاع واري وزارت پ??ران موڪليل سمري وز??راعظم آفيس کي موصول ٿي وئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سمري ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف ??ف آرمي اسٽاف جي عهدن تي مقرري جي لاءِ نالن جو پينل موڪليو ويو آهي، وز??راعظم شهباز شريف مُقرر طريقيڪار مُوجب انهن مقررين جو فيصلو ڪندو.