اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بي??ن موجب او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل دوري دوران 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو هوندو. پنهنجي دوري دوران اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري جنرل وزيراعظم س??ن ملاقات ڪندو ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقاتون ڪندو، هو ڪش??ير ۽ گلگت بلتست??ن معاملن واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جو پڻ دورو ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه دوران او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايجنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. بي??ن موجب ان جي ان دوري سان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سماج?? ۽ ??يڪنيڪي تعاون جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ ملندو. پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر جي حيثيت سان تنظيم ۾ اسلامي يڪجهتي، اتحاد ۽ مڪالمي جي فروغ لاءِ ڪوششون جاري رکندو. اسلامي تعاونت نظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي سربراهه جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار، ڪ??مر??، فوڊ سيڪيورٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون کانسواءِ تڪرارن کي حل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي امن ۽ سلامتي جي ڍانچي کي مڪمل طور تي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي، افغانستان کي سنگين انساني امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪيو آهي جڏهن ته اسلامو فوبيا جي ڪڌي مظاهري کي منهن ڏيڻ ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار فراهم ڪيو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جو دورو ان ڳالهه تي خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو فراهم ڪندو ته او آءِ سي هڪ ارب 90 لک مسلمانن جي امنگن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي طرح پاڻ کي وڌيڪ متحرڪ ڪري سگهي ٿي جن جي هو نمائندي ڪري ٿي.