رحيم يار خان – 25 – جنوري (اي پي پي) گ??يل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي نجي دوري تي رحيم يار خان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اور??گز??ب، پنجاب جو نگران وڏو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ايئرپورٽ تي ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳ??پن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گ??يل عرب امارات جي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪ??دي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ طئي ٿيندڙ مفاه??ت جي حوالي سان ڀرپور ڪم ڪيو ويندو. يو اي اي جي صدر شيخ محمد زيد النهيان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سندس والد پاڪستان ۽ ان جي عوام سان تمام گهڻي محبت رکندو هو، هو پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، هن وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته گ??يل عرب امارات سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو.