اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چينل 24 نيوز جي رپورٽر سان عوامي مسلم ليگ جي صدر شيخ ??شي?? احمد جي بدتميزي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته جڏهن انهن وٽ سوال جو جواب ناهي هوندو ته اهي صحافين تي حملي آور ٿين ٿا، پي ٽي آءِ ۽ سندس اتحادين جي تاريخ آهي ته انهن سدائين صحافين ۽ صحافت جو گلو دٻائڻ جي ڪا به ڪوشش هٿ مان وڃڻ ناهي ڏني. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ ??شي?? احمد ڄاڻي وٺي ته اڄ هو جتي بيٺل آهي ان ۾ صحافين ۽ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن ??يو ته اسان صحافين سان اهڙي قسم جي رويي جي مذمت ڪريون ٿا، شيخ ??شي?? کي پنهنجي ان رويي تي معافي وٺڻ گهرجي.