اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ا??م يوٿ لون اسڪيم جي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي رفتار کي جانچڻ جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪندي 30 جون 2023ع تائين پي ا??م يوٿ لون اسڪيم ذريعي 30 ارب رپين تائين قرضن جي فراهمي جو هدف پورو ??رڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته نوجوان پاڪستان جو اثاثو آهن، جن جي ڀلائي سان ملڪي ترقي واڳيل آهي، نوجوانن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. هو پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جي هيستائين جي ڪارڪردگي جو جائزو ور??و ويو. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت نوجوانن ۾ انٽرپرينيورشپ ۽ روزگار جي حوالي سان خاطرخواهه قدم کڻي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ نوجوانن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي کي به يقيني بڻايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نوجوان آبادي پاڪستان جو اثاثو آهن، جن جي ڀلائي سان ملڪي ترقي واڳيل آهي. پاڪستاني نوجوانن ۾ تمام گهڻو ٽيلنٽ موجود آهي، اسان جي باصلاحيت نوجوانن جا جذبا بلند آهن، وسيلا فراهم ڪيا وڃن ته اسان جا نوجوان ملڪي تقدير بدلائي سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومتي ۽ نجي شعبن کي هم آهنگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏجي ا??ي ملڪ کي درپيش چئلينجن مان ڪڍيو وڃي. وزيراعظم پي ا??م يوٿ لون اسڪيم جي ڪارڪردگي ۽ ڪم جي رفتار کي جانچڻ جي لاءِ هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي، جنهن جي سربراهي ۾ وزيراعظم پاڻ ڪندو. ڪميٽي ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار به شامل هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پرائيم منسٽر يوٿ لون اسڪيم جو بنيادي مقصد نوجوانن ۾ انٽرپرينيورشپ جو فروغ ۽ انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. هن اسڪيم ذريعي 2013ع کان هيستائين 54 هز??ر ماڻهن کي 73.55 ارب رپين جو قرض فراهم ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ا??م يوٿ لون اسڪيم جو موجوده پورٽل جي باقاعده شروعات 24 جنوري 2023ع تي ڪئي وئي، ان اسڪيم تحت 18 کان 45 سال جا ماڻهو 45 ڏينهن جي ا??در آسان شرطن تي قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. ان اسڪيم ۾ 25 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 30 جون 2023ع تائين ان اسڪيم تحت 30 ارب رپين تائين جا قرض فراهم ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي. اجلاس ۾ شريڪ بئنڪن ۽ مائيڪرو فنانس جي ادارن جا سربراهه پي ا??م يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ سمورا هدف مقرر مدي جي ا??در پورو ??رڻ جي خاطري ڪرائين. وزيراعظم 30 جون 2023ع تائين پي ا??م يوٿ لون اسڪيم ذريعي 30 ارب رپين تائين جا قرض فراهم ڪرڻ جي هدف کي پورو ??رڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پي ا??م يوٿ لون اسڪيم جي حوالي سان سمورن آپريشنل مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي تاڪيد ڪندي ا?? سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي، جنهن ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي صلاحڪار شزه فاطمه، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي سيڪريٽري، اخوت فائونڊيشن جو باني ا??جد ثاقب، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو گورنر، نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، بئنڪ آف پنجاب، حبيب بئنڪ لميٽيڊ، زرعي ترقياتي بئنڪ لميٽيڊ ۽ بئنڪ الفلاح لميٽيڊ جا صدر شامل هوندا. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي صلاحڪار شزه فاطمه، بئنڪن ۽ مائيڪرو فنانس ادارن جي صدرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي.