انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار ۽ زلزلي سٽيل علائقن جي د??ري جي لاءِ انقره پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره هوائي اڏي تي اعل??ٰ ترڪ عملدارن ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد وزيراعظم جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ??زيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ نيشنل ڊيزاسٽر م??ني??مينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.