اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??اري چيو آهي ته پاڪستان کي م??ڪل معاشي صورتحال درپيش آهي، معاشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ معيشت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي غيرملڪي چينل کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ هن چيو ته يوڪرائن جنگ ۽ ٻوڏ ملڪي م??يشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي پر پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر اڀرندڙ معيشت بڻجي پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿ??. ه?? چيو ته پاڪستان اهڙي دور مان گذري رهيو آهي جتي هاڻي غيرآئيني قدم نه ٿيندا. هن پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي، ملڪي م??يشت ۽ افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. د??اع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف جي بيان جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته د??اع وارو وفاقي وزير سياسي تناظر ۾ ڳالهه ڪري رهيو آهي، هو فني نه پر مشڪل معاشي دور جو ذڪر ڪري رهيو ه??. ه?? چيو ته اسان کي بدترين معاشي بحران درپيش آهي، پاڪستان جو هڪ وڏو حصو تازي ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهي، ٻوڏ جي تباهي موسمياتي تبديلين جي ڪري آهي، ٻوڏ پاڪستان جي م??يشت جو رخ بدلائي ڇڏيو آهي ۽ پاڪستان اڃا تائين مشڪلاتن مان ٻاهر ناهي نڪري سگهيو ۽ انهي م??اشي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. بلاول ڀٽو زر??اري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي رٿ جي ذريعي عهدي تان هٽائڻ جي قدم کي هڪ جمهوري ۽ اداراجاتي سنگ ميل قرار ڏنو ۽ چيو ته شايد عمران خان جي حامين کي بي اعتمادي جا نتيجا پسند نه هجن پر اها ملڪي تاريخ ۾ هڪ بنيادي ڪاميابي آهي جنهن ۾ جمهوري عمل جي پاسداري ڪئي وئي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان جمهوري انداز اختيار ڪري واپس اچي سگهي ٿو پر هو جمهوري انداز اختيار نه ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي لاءِ ڪارائتو نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان جمهوري رستي جي چونڊ نه ٿو ڪري ته پوءِ ان جو ڪو سياسي م??تقبل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته جمهوريت جي حوصلا افزائي ڪندڙن جي حمايت ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زر??اري چيو ته اسان پنهنجي ملڪي تاريخ جو اڌ کان وڌيڪ وقت سڌوسنئون آمريت ۽ ان جي وچ ۾ مختلف تبديلين تحت گذاريو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه ياد رکڻ جي ضرورت آهي ته پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ غيرجمهوري قوتن جو پنهنجو وقت رهيو آهي پر اهو ڪڏهن ڊگهو ناهي رهيو. پرڏيهي وزير پشاور ۽ ڪراچي ۾ تازي دهشتگردي جي حملن جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان تازن ڏينهن ۾ دهشتگردي کان به متاثر ٿيو آهي ۽ افغانستان مان آمريڪي انخلا کانپوءِ دهشتگردي جي لهر ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن جو مقابلو ڪنداسين جڏهن ته ان مسئلي جي م??تقل حل جي لاءِ افغانستان مان خطرن کي روڪڻ ضروري آهي.