لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۽ شام جي زل??لي متاثرين جي ل??ءِ امدادي سامان جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 23 مارچ 2023ع تائين ترڪيه ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما موڪليا ويندا، هن خيمن جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ ترڪيه موڪلڻ کان اڳ رينڊم چيڪنگ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ترڪيه ۽ شام ۾ زل??لي متاثرين جي ل??ءِ خصوصي طور تي تيار ڪيل خيمن ۽ ٻين امدادي شين جي جلد کان جلد پهچ تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير، پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري وفاقي وزير ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مهيني 23 مارچ تائين ترڪيه ۽ شام 34 اڏامون امدادي سامان کڻ?? وينديون، انهن اڏامن ۾ سرديءَ کان بچاءُ جا 50 هزار خيما، 38 هزار ڪمبل ترڪيه لاءِ ۽ 22 هزار ڪمبل ۽ 10 هزار راشن جا پيڪيٽ شام موڪليا ويندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اڄ رات ٻه مال بردار جهاز 220 ٽن امدادي سامان کڻ?? ترڪيه جي ل??ءِ روانا ٿيندا. ان کانسواءِ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ترڪيه ۽ شام جي زل??لي متاثرين جي ل??ءِ پاڪستان نيوي جو ٻيو سامونڊي جهاز سامان کڻ?? روانو ٿيندو. وزيراعظم ترڪيه ۽ شام جي ل??ءِ امدادي سامان جي مقرر مدي ۾ روانگي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي خاص م??اون سيد طارق فاطمي، ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ناڻي واري وزارت معاشي مسئلن جي باوجود امدادي سامان جي پيداوار ۽ پهچ جي ل??ءِ گهربل وسيلا مهيا ڪيا جيڪا سراهه جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي، ناڻي واري وزير، منصوبابندي واري وزير، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ترڪيه ۽ شام ۾ مقرر سفيرن جا ٿورا ادا ڪري??ن ٿو جيڪي زل??لي سٽيلن جي مدد لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سرنديءَ وارا زل??لي متاثرين جي ل??ءِ دل کولي عطيا جمع ڪرائي رهيا آهن.