لنڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي وچ ۾ ملاقات ??ي. اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جي ٽوئيٽ موجب ملاقات دولت مشترڪه جي نئين سربراهه ڪنگ چارلس ٽي جي آجيان ڪرڻ جي لاءِ لنڊن ۾ منعقد دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي تقريب جي موقعي تي ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان سيڪريٽري جنرل ۽ ميمبر ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن تنظيم کي ماحولياتي تبديلي ۽ نوجوانن جي ڪردار کي وڌائڻ جهڙن شعبن ۾ وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڏهين ڪامن وي??ٿ وزارتي اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس پاڪستان ۾ غيرمعمولي ٻوڏ جي ڪري ملتوي ڪيو وي?? هو، ٻوڏ سان پاڪستان ج?? معيشت ۽ انفراسٽرڪچر کي شديد نقصان پهتو هو. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل ??ي پاڪستان جي باضابطا دوري جي پڻ دعوت ڏني. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.