اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي، هو سمجهي ٿو ته ڪير ان کان پڇي نه ٿو سگهي، عمران خان جي گرفتاري قانون موجب هئي، ان سان عام شهري جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. ”اسڪائي نيوز“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته عمران خان تي ڪرپشن جا الزام هئا، ان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، اها گرفتاري نيب جي ۽ قانون موجب هئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته اسان سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون، عمران خان ??ي گرفتار يا خاموش ڪرڻو هجي ها ته اسان 14 مهينا انتظار ن?? ڪريون ها. عمران خان جي نااهلي بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته اسان عمران خان کي نااهل ڇو ڪرائڻ چاهينداسين؟ ڪا به جمهوري حڪومت ائين ڇو ڪندي؟ البته عمران خان پنهنجي دور ۾ سياسي اڳواڻن ??ي گرفتار ڪيو، جيلن ۾ وڌو ۽ انهن جو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته عدالتي حڪم جاري ٿ??ڻ کانپوءِ اهو ان جو آئيني حق آهي ته هو ان آرڊر جو جائزو وٺي يا ان تي ڳاله?? ڪري. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري و??اقي وزير چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪو پرامن شهري رستن تي نه هو، رڳو هٿياربند جٿا ۽ دهشتگرد موجود هئا جن رياستي ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.