اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سوئيٽ هومز کي ٽرانسپورٽ وينز عطيو ڪيون. وزيراعظم ٽرانسپورٽ وينز جون چاٻيون پاڪستان سوئيٽ هومز جي چيئرپرسن زمرد خان جي حوالي ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم پاڪستان سوئيٽ هومز ڪيڊٽ ڪاليج ۾ ت??لي?? حاصل ڪندڙ ٻارن سان ڳالهائيندي چيو ته زمرد خان جيڪو ذمو کنيو آهي الله تعاليٰ ان کي ان جو اجر عطا فرمائي. هن ٻارن کي چيو ته اهي محنت سان ت??لي?? حاصل ڪن ۽ قوم جا عظيم معمار بڻجن، توهان پاڪستان جو مستقبل آهيو. ان موقعي تي زمرد خان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم پاران پاڪستان سوئيٽ هومز کي 4 گا??يو?? عطيو ڪيون ويون جن جي ماليت 6 ڪروڙ 20 لک رپيا آهي. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان گڏ وين ۾ سوار ٿي ٻارن جي حوصلا افزائي ڪئي. هن ٻارن کي چيو ته اهي ت??لي?? حاصل ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن، انجنيئرز، ڊاڪٽرز، سائنسدان، زرعي ۽ آءِ ٽي جا ماهر بڻجن ۽ پاڪستان جي خدمت ڪن، اسان کي گڏجي پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ قائد جو پاڪستان بڻائڻو آهي. ان موقعي تي ٻارن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، ٻارن پاڪستان ۽ وزيراعظم زندهه آباد جا نعرا هنيا.