اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) ??در مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سويڊن ۾ قرآن پاڪ ??ي بي حرمتي ج?? شديد مذمت ڪندي چيو ته هن درد??اڪ واقعي سان اربين مسلمانن جي جذبن کي تڪليف پهتي آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ ??در مملڪت چيو ته هر رياست کي اهڙي اسلامو فوبيا تي ٻڌل ڪارروائين جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته هو هڪٻئي ج?? مذهبي عقيدن ۽ قدرن طرفان رواداري پيدا ڪرڻ لاءِ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪم ڪن. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انسانيت کي دنيا کي امن لاءِ متحد ڪرڻ ۽ اهڙي بي تڪي نفرت انگيز ڪارروائين کان اڳتي نڪرڻ جي ضرورت آهي.