اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پ??ڪستاني نوجوان فهد شهباز کي عالمي ڊيانا ايوارڊ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 18 سال جي عمر ۾ يوٿ جنرل اسيمبلي جو بني??د رکندڙ باصلاحيت نوجوان فهد شهباز کي اهو ايوارڊ ملڻ پاڪستاني نوجوانن جي مثبت سوچ ۽ جدوجهد سان معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جو روشن مثال آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فهد شهباز جي تصوير شيئر ڪن??ي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها ??اڪستان جي اصل سڃاڻپ ۽ معمار جيڪي عمارتون نه مثبت سوچ جا ڏيئا ٻارين ٿا. هن چيو ته ثمينه بيگ، نائله ڪياني، باڪسر تيمور خان ۽ فهد شهباز جهڙا شاهين صفت پرعزم نوجوان ئي پاڪستان ??ي شان ۽ قابل تقليد مثال آهن، اسان کي توهان تي فخر آهي.