اسلام آباد – 07 ???جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سوئيڊن ۾ هڪ بدبخت جي هٿان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي دل ??کو??يندڙ واقعي تي اڄ جمعي نماز کانپوءِ سڀ پاڪستاني پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته قرآن مجيد جي حرمت جي معاملي تي سڄي قوم هڪ آهي. سوئيڊن واري واقعي تي سڄي مسلمان امت چڙ ۾ ورتل آهي. هڪ بدبخت جي هٿان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ??کو??يندڙ واقعي تي پنهنجي جذبن ۽ احساسن ??و اظهار ڪرڻ جي لاءِ قرآن تقدس ڏهاڙي جي عنوان سان اڄ اسان سڀ هڪ آواز بڻجي ملڪ گير احتجاج ڪنداسين ۽ جمعي نماز کانپوءِ پاڪستاني قوم مسلما??ن جا سمورا طبقا ناموس قرآن جو جهنڊو کڻي پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. وزيراعظم چيو ته قرآن اسان جي دل ۾ آهي، قرآن اسان جي لاءِ جيئڻ جو ذريعو آهي.