اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان ??ي 12 نئين اسٽوڊيوز ج?? افتتاح ڪري ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جڏهن ريڊيو پاڪستان پهتي ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان ??اهر حسن ۽ ريڊيو پاڪستان ??ي عملي سندس شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان ??ي 12 نئين اسٽوڊيوز ج?? افتتاح ڪيو جن ۾ ايف ايم 94 اسپورٽس، 11 علائقائي زبانن جي نشريات، ماحوليات بابت اسٽوڊيو، ٽيڪ اسٽوڊيو، ڊراما، پروڊڪشن ۽ آڊيو ڊراما ريل جي حوالي سان ??سٽوڊيوز، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، ورلڊ سروس اسٽوڊيو، نيوز ??ليٽن نيشنل اسٽوڊيو شامل آهن جڏهن ته صوة القرآن جي ٽرانسميشن کي پڻ ??يجيٽل ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي دوري دوران ??يڊيو پاڪستان ??ي مختلف اسٽوڊيوز جو دورو پڻ ??يو ۽ اتي موجود عملي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جي ڪم کي ساراهيو. ان موقعي تي هن ريڊيو پاڪستان ??ي اسٽاف کان ??نهن جي معاملن بابت معلومات پڻ ورتي. اطلاعات واري وفاقي وزير بعد ۾ ميڊيا سان پڻ ??الهه ٻولهه ڪئي ۽ ميڊيا کي اهو ٽرانسميٽر پڻ ??يکاريو جنهن جي ذريعي 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان ??ي آزادي جو اعلان ڪيو ويو هو.