اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نئين مقرر ٿيل چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ملاقات ڪئي ۽ پ??ڪ بحريه بابت پيشيواراڻي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان نئين مقرر ٿيندڙ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم ايڊمرل نويد اشرف کي پ??ڪ بحريه جي ڪمان س??ڀا??ڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته توهان جي سربراهي ۾ پ??ڪ بحريه ملڪي دفاع ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي رهندي. ملاقات ۾ پ??ڪ بحريه سان لاڳاپيل پيشيواراڻي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.