مد??نه منوره – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ م??جد نبوي ﷺ ويو جتي هن روضه رسول ﷺ تي حاضري ڀري، رياض الجنه ۾ نفل ادا ڪيا ۽ دعائون گهريون. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م مسجد نبوي ﷺ جي ڀرپاسي عالمي ميلي ۽ سيرت نبوي ﷺ ۽ اسلامي تهذيب سان لاڳاپيل عجائب گهر جو دورو ڪيو. ميوزيم جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي سيڪريٽري ڊاڪٽر ناصر مسفيرالزهراني سندس شاندار استقبال ڪيو. نگران وزي??اع??م کي دوري جي موقعي تي تاريخي عجائب گهر بابت جامع بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ نبي آخرالزمان ﷺ جي زندگي ۽ تعليم سان گڏوگڏ اسلامي تهذيب کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي. نگران وزي??اع??م ميوزيم کي ساراهيندي اسلامي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي نمايان ڪرڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر ناصر مسفيرالزهراني نگران وزي??اع??م کي شيلڊ ۽ ڪتاب پيش ڪيا جيڪو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ اسلامي ورثي ۽ گڏيل افهام تفهيم جي فروغ جي رشتي جي علامت آهي. مد??نه منوره ۾ عالمي ميلي ۽ ميوزيم پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جي زندگي ۽ اسلامي تهذيب نمايان ڪرڻ جي لاءِ اهميت ??کن??ڙ آهي. اهو ميوزيم نمائشن ۽ ملٽي ميڊيا تي پريزنٽيشنز سان گڏ هڪ عميق تجربو پيش ڪري ٿو ۽ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ بابت تاريخ، ا??م واقعن ۽ تعليم تي روشني وجهي ٿو، هن ميوزيم ۾ مختلف شعبن ۾ اسلامي تهذيب جي ڪاميابين کي پڻ ڏيکاريو ويو آهي، ميوزيم بين المذاهب مقالمي، ا??هام تفهيم جي فروغ ۽ متنوع عقيدين ۽ گهرجن جي احترام جي فروغ جو مرڪز آهي.