مظفر آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪاري ??ينهن جي موقعي تي گادي واري شهر مظفرآباد ۾ ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل جي اهتمام هيٺ جمعي ڏينهن 27 آڪٽوبر تي ڊسٽرڪٽ ڪمپليڪس پارڪنگ ايرياز ويجهو سي ڊي او آفيس ۾ ٻنپهرن جو 10 وڳي احتجاجي جلوس ٿيندو جنهن جو خاص مهمان آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم چوڌر?? انوارالحق هوندو. احتجاجي جلسي وزير، حريت اڳواڻ، سياسي ۽ مذهبي پارٽين جا سرراهه، وڪيل، واپاري اڳواڻن کانسواءِ سمورن مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ نمائندا شرڪتڪ ندا. احتجاجي جلسي کانپوءِ ريلي ٿيندي. ڪاري ??ينهن جي مناسبت سان آزاد ڪشمير جي ٻين ضلعن جي هيڊڪوارٽر ۽ تعلقي هيڊڪوارٽرز تي پڻ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون. اسلام آباد ۾ يو اين آفيس آڏو ڪشمير سينٽر راولپنڊي ۽ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اهتمام هيٺ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. جنهن ۾ عالمي برادري جو ڌيان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ??ارتي ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي طرف ڇڪرايو ويندو. ڄمون ۽ ڪشمير لبريشن سيل ڪاري ??ينهن جون تقريبون منعقد ڪرڻ جا انتظام شروع ڪري ??ڏيا آهن. 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ اهو ڪارو ڏينهن آهي جڏهن ڀارت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي هڪ وڏي حصي تي جارحيت ڪندي قبضي جي لاءِ پنهنجي فوج لاٿي. ڪشميري هر سال ان ڏينهن کي ڪاري ??ينهن طور ملهائيندا آهن ته جيئن دنيا کي باور ڪرائي سگهجي ته ڪشميرين 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ جي باوجود ڀارت جي ڪشمير تي غيرقانوني ۽ جبري فوجي قبضي کي قبول ناهي ڪيو ۽ نه ڪندا.