لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ انسٽيٽي??ٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري پهرين تقريب ۾ خاص مهمان طور شر??ت ڪئي. ان موقعي تي انسٽيٽي??ٽ فار آرٽ اينڊ ڪلچر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وز??راعظم کي هٿ سان ٺهيل پورٽريٽ بطور تحفو پيش ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم تقريب کي خطاب ۾ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ هنرمند نوجوانن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته مستقبل جي معمارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پاڪستان حڪومت مڪمل تعاون ۽ سهولتون فراهم ڪندي رهندي. معاشري جي ترقي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ انتهائي اهم آهي. معاشري ۾ امن، هم آهنگي ۽ رواداري وڌائڻ جي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن اداري جي شاگردن کي فارغ ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.