ابوظهبي – 27 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ سومر ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، ??اپ??ري، سيڙپڪاري، ثقافتي، دفاع ۽ ٻنهي ملڪن ج?? عوام جي وچ ۾ لاڳاپن س??يت مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ توانائي، پورٽ آپريشنز جي منصوبن، ويسٽ واٽر ٽريٽمينٽ، فوڊ سيڪيورٽي، لاجسٽڪس، کاڻين جي کوٽائي، ايوي ايشن ۽ بئنڪنگ ا??نڊ فنانس سروسز جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي تعاون س??يت مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون وينديون.