ڊيره اسماعيل خان – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوارالحق ڪاڪڙ ڊيره اسماعيل خان ۾ ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال جو دورو ڪيو ۽ گذريل ڏينه?? جي بم ڌماڪي جي زخمي?? جي عيادت ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب زخمي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پاڪ فوج جي جوان?? جي جذبي کي ساراهيندي نگران وزير??عظ?? چيو ته اهڙي قوم جي فتح يقيني آهي جنهن جا اهڙا بهادر آفيسر ۽ فوجي جوان هج?? جيڪي پنهنجي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائين. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهي ۽ الله رب العزت جي مدد ۽ عوام جي طاقت سان دهشتگردي کي هر شڪل ۽ روپ ۾ شڪست ڏيندي. نگران وزير??عظ?? چيو ته پاڪستاني هڪ بهادر ۽ مضبوط قوم آهي ۽ اسا?? جي فوج دشمن?? جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي. نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي، خيبرپختونخواهه جو گورنر حاجي غلام علي ۽ خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) سيد ارشد حسين شاهه پڻ نگران وزير??عظ?? سان گڏ هئا.