اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجڪاري ڪميشن (ترميمي) آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو. آرڊيننس جومقصد نجڪاري معاملن ۾ غ??رضروري دير ختم ڪرڻ، مسئلا حل ڪرڻ، قانون ۽ انصاف جي اصول?? تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب آرڊيننس جي مدد سان نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جي شق نمبر 28 کان شق نمبر 33 ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. آرڊيننس جو مقصد نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل جو قيام عمل ۾ آڻڻ آهي. نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل وٽ نجڪاري بابت ديواني ۽ فوجداري معامل?? تي ٻڌڻي ۽ فيصلن جو اختيار هوندو. نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع ۾ ملڪي هاءِ ڪورٽس کي ڏنل اختيار هاڻي نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل کي منتقل ڪيا ويا آهن. آرڊيننس کان اڳ ملڪ جي سمورين هاءِ ڪورٽس کي نجڪاري معاملن ۾ هڪ ئي وقت دائره اختيار حاصل هو. آرڊيننس تحت وفاقي حڪومت ٽن ميمبر?? تي ٻڌل نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل قائم ڪندي. صدر حڪومت پاران تجويز ڪيل ترميمي آرڊيننس کي سيڪشن 28 جي ذيلي سيڪشن 2 (چار) ۾ تبديلي کانپوءِ منظور ڪيو. صدر تجويز ڪيل حڪومتي آرڊيننس ۾ اپيليٽ ٽربيونل جو چيئرپرسن هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج بدران سپري?? ڪورٽ جو رٽائرڊ جج لڳائڻ جي تبديلي ڪئي. آرڊيننس تحت سپري?? ڪورٽ جو رٽائرڊ جج نجڪاري ٽربيونل جو چيئرپرسن هوندو. اپيليٽ ٽربيونل جو هڪ ٽيڪنيڪل ميمبر ۽ هڪ جوڊيشل ميمبر پن هوندو. اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلن جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي جو اختيار سپري?? ڪورٽ آف پاڪستان وٽ هوندو. نجڪاري اپيليٽ ٽربيونل جي فيصلي کان متاثر ڪو به شخص 60 ڏينهن جي اندر سپري?? ڪورٽ آڏو اپيل داخل ڪري سگهي ٿو. نجڪاري ڪميشن آرڊيننس 2000ع جا سيڪشن 30 ۽ 33 ختم ڪيا ويا آهن. صدر آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو.