اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي سينيئر ترين جج جسٽس سردار طارق مسعود کي وقتي چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو. قانون ۽ انصاف واري وزارت پاران جاري ڪيل ن??ٽي??ڪيشن موجب جسٽس سردار طارق مسعود پاڪستان جي چيف جسٽس قاضي ??ائز عيسيٰ جي ٻاهرئين ملڪ رهڻ دور??ن وقتي چيف جسٽس طور پنهنجون ذميواريون ادا ڪندو. ن??ٽي??ڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اها ??قرري اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 180 تحت مليل اختيارن کي استعمال ۾ آڻيندي ڪئي وئي آهي.