اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته نئين ??هلي ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪميشن هلندڙ مه??ني ڀارت ج?? هندو ياترين کي پنجاب ۾ ڪٽاس راج مندر جي دوري ۽ شاداني درٻار حيات پتافي، سنڌ ۾ سالياني تقريبن ۾ ش??ڪت جي لاءِ 166 ويزا جاري ڪيا آهن. پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان هلندڙ مه??ني بابا گرو نانڪ جي 544 هين ??نم ڏينهن جي تقريبن جي موقعي تي ڀارت مان 3 هزار سک ياترين کي 25 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين پاڪستان اچڻ جي لاءِ ويزا پڻ جاري ڪيا. ترجمان چيو ته 1974ع جي مذهبي جاين ??ي دورن بابت پاڪ ڀارت پروٽوڪول تحت پاڪستان هر سال مختلف مذهبي ڏڻن ۽ موقعن ۾ ش??ڪت جي لاءِ ڀارت مان هزارين ??ک ياترين کي پاڪستان ۾ آجيان ۽ سهولت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته زائرين کي ويزا جاري ڪرڻ پاڪستان جي مذهبي جاين ??ي دورن کي آسان بڻائڻ ۽ بين ??لمذاهب هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي عزم موجب آهي. ترجمان چيو ته هن سال پاڪستان ايندڙ ڀارتي زائرين کي 6824 ويزا جاري ڪيا ويا.