ڪراچي- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ??عل??م ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي ??عل??مي امتحانن ۽ سڃاڻپ واري نظام کي جديد ٽيڪنالاجي جي دور سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ بنيادي تبديلين جي ض??ور?? تي زور ڀريو آهي. امتحان ۽ تشخيص ??عل??مي نظام جا ٿنڀ آهن ۽ اسان کي انهن قدمن کي اختيار ڪرڻو پوندو جيڪي تنقيدي سوچ، تخليقي صلاحيتن ۽ علم جي حوصلا افزائي ??ن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽر بورڊ ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) جي اهتمام هيٺ ”پاڪستان ۾ امتحان ۽ تشخيص جو نظام“ جي موضوع تي ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. مدد علي سنڌي چيو ته وسيع تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي آمد سان سڄي دنيا ۾ ??عل??مي منظرنامو تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي امتحانن ۽ تشخيصي نظام ۾ ان موجب ضروري تبديليون آڻي. تشخيص ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي اهميت تي روشني وجهندي وفاقي وزير چيو ته امتحان ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جو استعمال ??عل??مي نظام کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏي سگهي ٿو. هن نظام ۾ انصاف، ديانت ۽ شفافيت جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ ??هم قدم کڻڻ جي ض??ور?? تي زور ڀريو. مدد علي سنڌي چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ معياري ??عل??م کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي جڏهن ته ٽي بنيادي عمل بهتر نصاب، تربيت يافته استاد ۽ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ض??ور?? آهي. هن ان ڳالهه تي مايوسي جو اظهار ڪيو ته ماضي ۾ ??عل??م جي ??هم ترين شعبي تي اڳوڻين حڪومتن جي پاليسين ۽ سياسي پارٽين جي چونڊ منشور ۾ مناسب ڌيان نه ڏنو ويو. هن چيو ته هاڻي جڏهن قوم عام چونڊن طرف وڌي رهي آهي ته سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجي منشور ۾ ??عل??م، معيشت، پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صحت کي ترجيح ڏيڻي پوندي ڇاڪاڻ ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ انهن جي ذميواري آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته امتحانن ۽ تشخيص بابت ڪانفرنس سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي مستقبل جي چئلينجز تي بحث ۽ مباحثي لاءِ هڪ پليٽ فارم فر??هم ڪندي ۽ ملڪ جي ??عل??مي نظام ۾ ??هم تبديليون آڻن ۾ ??هم ڪردار ادا ڪندي.