ڊيووس – 16 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪارگل جي پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪ آمريڪا و??پاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار کي سا??اه??و آهي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن کي اجاگر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان عالمي اقتصادي فورم جي 54 هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ڪ??رگل جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر برائن سائيڪس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ڪارگل جي پاڪستان سان زرعي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪ آمريڪا و??پاري لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار کي سا??اه??و. نگران وزيراعظم حڪومت جي ڪ??روبار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن تي روشني وجهندي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي قيام ۽ گهٽ عرصي ۾ ان جي مختلف شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ قدمن ۽ ان جي مثبت نتيجن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم حڪومت جي غذائي تحفظ جي لاءِ قدمن خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت زرعي شعبي ۾ جدت جي قدمن تي پڻ روشني وڌي. برائن سائيڪس مختلف شعبن خاص طور تي زراعت ۽ غذائي تحفظ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان حڪومت پاران ف??اه?? ڪيل سهولتن کي سا??اه??و.