اسلام آباد – 04 – مارچ (اي ??ي پي) تاجڪستان جي صدر ??ما?? علي رحمان نئين چونڊيل وزيراعظم محمد شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي ??مي?? ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل ڪوششن جي ذريعي ٻئي ملڪ ڊگهي مدي واري ٻطرفي حصيداري کي فروغ ۽ سگهه ڏيندا. تاجڪ ??در وزيراعظم کي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته هو سندس سٺي صحت ۽ پاڪستان جي پائيدار سماجي ۽ معاشي ترقي جي منصوبن تي عملدرآمد ۾ وڌيڪ ڪ??مي??بين جو خواهشمند آهي. هن ??مي?? ظاهر ڪئي ته دوست ملڪ پاڪستان جي عوام جي ڀلائي سان گڏوگڏ عالمي سطح تي پاڪستان جي ساک کي مستحڪم بڻائيندا. هن چيو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان دوستي، گڏيل افهام تفهيم، احترام ۽ اعتماد جي ڊگهي روايتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن چيو ته انهن سٺڱي روايتن جي بنياد ت?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخو تعاون مسلسل وڌي رهيو آهي. تاجڪ ??در وزيراعظم کي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن جي موثر فروغ ۾ پاڪستان سان بين الرياستي ڳالهيون ۽ تعاون جاري رکڻ ۾ مستقل دلچسپي تي زور ڏنو.