اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي دوست ملڪن خاص ??ور تي سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، چ??ن، ترڪيه ۽ قطر جا ٿورا م??يا آهن. 16 هين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ صدر پاڪستان ۽ دوست ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جو خاص ??ور تي ذڪر ڪيو. صدر چيو ??ه آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا اسان جا واپاري حصيدار آهن ۽ اميد آهي ??ه آمريڪا، يورپي يونين ۽ برطانيا سان تعاون ۾ وڌيڪ ??ضا??و ٿيندو. صدر مختلف شعبن ۾ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت تي چين جا دل سان ٿورا م??يا ۽ چيو ته پاڪ – چين پائيدار اسٽريٽجڪ ۽ سدابهار دوستي خطي ۾ استحڪام جو بنياد آهي، اسان علائقائي امن، رابطن ۽ خوشحالي جي فروغ ۽ استحڪام برقرار رکڻ جا خواهشمند آهيون، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تڪميل سميت گڏيل هدفن جي فروغ جي لاءِ چين سان گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين ۽ دشمن عنصرن کي اهم منصوبي کي خطري ۾ وجهڻ، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تعلق کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. صدر چيو ته چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻنداسين.