اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ ال??ه تارڙ خضدار ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ خضدار پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي محمد صديق مينگل جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن ??يو ته محمد صديق مينگل هڪ باصلاحيت صحا??ي هو جنهن بلوچستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ??يو ته محمد صديق مينگل جي شهادت صحافي برادري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن ??يو ته ڌماڪي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ذميوارن ??ي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. هن ??يو ته خضدار پريس ڪلب جي صدر جي مارجڻ تي صحافي برادري ۽ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته ال??ه تعاليٰ محمد صديق مينگل مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن ??ي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.