اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چنڊ جي لاءِ پاڪستان جي پهرين سيٽلائيٽ مشن جي ڪ??مي??ب لانچنگ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته سيٽلائيٽ مشن جي ڪ??مي??ب لانچنگ پاڪستان جي خلائي پروگرام جي لاءِ سنگ ميل ??ابت ٿيندي، پوري پاڪستاني قوم کي ان اهم ڪ??مي??بي تي فخر آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي، اسپارڪو ۽ چين جي قومي اسپيس انتظ??مي?? کي ان ڪ??مي??بي تي مبارڪباد ڏني ۽ خلابازي جي شعبي ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان کي خلابازي جي شعبي ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪرڻيون آهن، ??مي?? آهي ته پاڪستان جا خلائي تحقيقي ادارا ۽ سائنسدان وڌيڪ محنت، لڳاءُ ۽ منصوبابندي سان ملڪ جو نالو روشن ??ند??.