اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن آڏو آهن، عدليه 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان گڏ ??ريس ڪانفرنس ۾ صحافي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي واقعن جا ثبوت عدالتن جي سامهون موجود آهن، حملي آورن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي ۽ اهو واضح آهي ته ??ير مختلف عمارتن ۾ داخل ٿيو ۽ ??ير ٻاهر بيهي هدايتون ڏئي رهيو هو. هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي تمام گهڻي عزت ڪريون ٿا، سندس ٽي ڀينرون حملي وقت اتي موجود هيون پر انهن تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو. هن چيو ته عدليه کي گذارش آهي ته 9 مئي جي ڪيسز کي منطقي انجام تائين پهچائي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جيلن ??ون سختيون ڀوڳيون آهن، تحريڪ انصاف جي د??ر ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان جيلن ??يڪو اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ويو، ان دور ۾ جيل عملدارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته جيلن ۾ قيد مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي ڊسمبر جي سخت سرديءَ ۾ فر?? تي ويهڻ تي مجبور ڪيو وڃي، انهن کي ڪرسيءَ ۽ وِهاڻو به فراهم نه ڪيو ويو جڏهن ته باني پي ٽي آءِ کي ورزش جي لاءِ سائيڪل ۽ واڪنگ گيلري دستياب آهي ۽ کاڌي ۾ ديسي مرغيءَ ڏني وڃي ٿي.