بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر مح??د اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين ج?? ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم ڊنگ زوڪسيان سان ملاقات ڪ??ي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻنهي طرفن جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هن سال 26 مارچ تي شانگلا حملي تي چين ج?? ايگزيڪيوٽو نائب وزيراعظم سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جي خاطري ۽ مارجي ويل چيني ڪارڪنن ج?? خدمتن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي ٻئي مرحلي واپار، اقتصادي تعاون ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفن لاڳاپن ج?? مختلف رخن تي تفصيلي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. هن خنجراب بارڊر ڪراسنگ جي ذريعي رابطن ۽ ويزا جي آسان نظام تي به خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي ۽ تعاون ج?? سمورن شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن ج?? وڌندڙ رفتار کي برقرار رکڻ ۽ پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مح??د اسحاق ڊار توانائي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ سي پيڪ پاران اڳڀرائي جو جائزو ورتو. هن صنعت، زراعت ۽ معدني ترقي جي شعبن ۾ ٻئي مرحلي تحت مثبت منافعي تي اعتماد جو اظهار ڪيو. چين ج?? نائب وزيراعظم ڊنگ زوڪسيان معيشت، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت تعاون ج?? سمورن شعبن ۾ پاڪستان لاءِ چين ج?? مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ سي پيڪ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو.