اسلام آباد– 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي پنهنجي دوري کي انتهائي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد ٿيندو، ويجهي مستقبل ۾ ان جا ثمر عوام ??ائ??ن پهچندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪابينا ميمبرن کي اجلاس ۾ ڀليڪار چوان ٿو. چين جي دوري تان 2 ڏينهن اڳ وا??سي ٿي آهي. توهان سڀني جي ڪوششن ۽ محنت سان چين جو دورو انتهائي مثبت ۽ ڪامياب رهيو. هن چيو ته چين جي دوري ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۾ سيڪيورٽي سان لاڳاپيل معاملا ايجنڊا ۾ سرف??رس?? هئا. هن چيو ته ان دوري جي نتيجي ۾ چين جو اعليٰ سطحي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير س??يت سمورن ڪابينا ميمبرن جي گڏيل ڪوششن سان اها ڪاميابي ممڪن ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ چين سان ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جو موقعو فراهم ڪيو. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عملدرآمد ٿيندو. ان حوالي سان چيني قيادت سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. ويجهي مستقبل ۾ ان جا ثمر عوام ??ائ??ن پهچندا.