اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ?? سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جڏهن ته و??ير??عظم وفاقي وزارتن جي صلاحيت ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن جي سربراهي هو پاڻ ڪندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري ۾ اضافي ۽ حڪومتي ادارن جي صلاحيت ۾ بهتري جي حوالي سان و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو و??و ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي پاران وفاقي وزارتن جي صلاحيت وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي سان ماهرن جون خد??تون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪسنلٽنسي فرم ڪئيارني (Kearney) جون خد??تون حاصل ڪيون ويون آهن، ڪئيارني هڪ عالمي شهرت يافته فرم آهي جنهن جا آپريشنز سڄي دنيا خاص طور تي وچ اوڀر ۾ آهن. و??ير??عظم چ??و ته ملڪ ?? سيڙپڪاري ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ڪاروبار دوست ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. و??ير??عظم سيڙپڪاري ۽ حڪومتي صلاحيت ۾ بهتري جا اهڙا منصوبا جن جي حوالي سان جلد نتيجا برآمد ٿيڻ جا امڪان آهن، جي لاءِ فوري طور تي موثر قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم وفاقي وزارتن جي صلاحيت ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي اڳڀرائي جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي جنهن جي سربراهي و??ير??عظم پاڻ ڪندو. ڪئيارني پاران و??ير??عظم کي پاڪستان حڪومت سان جاري پنهنجي مشاورتي عمل جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو و??و ته ڪئيارني هيستائين وفاقي حڪومت جي 15 ادارن سان مشاورت ڪري چڪي آهي، ان مشاورتي عمل ۾ 97 ترجيحي منصوبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته ڪئيارني پاڪستان حڪومت سان مشاورت ۾ پائيدار ترقي جي لاءِ منصوبابندي جي حڪمت عملي تيار ڪندي، ڪئيارني سرڪاري ادارن جو ريگيوليٽري فريم ورڪ بهتر بڻائڻ ۽ سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ ۽ رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان پاڪستان حڪومت کي معاونت فراهم ڪندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، و??ير??عظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.