اسلام آباد – 06 – آگسٽ (اي پي پي) ڊ??وٽ?? جج جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد مريد عباس خان قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل ان وقت جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد غواث خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر مصور عمران ۽ چيف ڪمپيوٽر انجنيئر سعد مدثر کي ٽن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت آڏو پيش ڪري موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جي بئنڪ اڪائونٽس جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ باق?? آهي. جوابدارن جو 7 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر ناليواري قانوند??ن سردار يعقوب مستوئي ايڊو??ڪي?? دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پر??ڪي??رمنٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا ۽ انهن جعلي صحيحن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا. سردار يعقوب مستوئي چيو ته سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي 124 ملين رپين جو ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدارن ک??ن سرڪاري رقم جي وصولي جي لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدارن کي وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.