اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ب??ني ??يئ??مين پاران ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد ج?? اوپن ٽرائل جو مطالبو فوج جي معاملن ۾ مداخلت آهي، فيض حميد ڪيس کي فوج جو انٽرنل معاملو نه قرار ڏئي هن ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته فيض حميد واقعي ب??ني ??يئ??مين پي ٽي آءِ جو اثاثو هو. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ب??ني ??يئ??مين پي ٽي آءِ جي مسلسل ڪوشش آهي ته هو پنهنجي بيانن سان فيض حميد ڪيس کي ??ڪر??ري بڻائي. هن چيو ته اڄ فيض حميد ج?? دفاع ۾ بيان ڏيندڙ ب??ني ??يئ??مين پي ٽي آءِ 190 ملين پائونڊ جي ڪيس جو جواب ڏي. وفاقي وزير چيو ته ب??ني ??يئ??مين پي ٽي آءِ جي اهڙن بيانن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو شدي?? پريش??ني ۽ ٻڏتر جو شڪار آهي، هن فيض حميد ڪيس کي فوج جو انٽرنل معاملو نه قرار ڏئي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته فيض حميد واقعي ئي ب??ني ??يئ??مين پي ٽي آءِ جو اثاثو هو. هن چيو ته ب??ني ??يئ??مين پي ٽي آءِ، فيض حميد کي ڪڏهن اثاثو، ڪڏهن هيرو ۽ ڪڏهن زيرو چوي ٿو جنهن مان لڳي ٿو ته هو ذهني طور تي ڪافي پريش??ني جو شڪار آهي. هن چيو ته فيض حميد ڪيس ۾ به اهو ئي پتو پوي ٿو ته پي ٽي آءِ جي ب??ني ??يئ??مين جو ماڻهن کي استعمال ڪري اڇلائڻ ۾ ڪو به ث??ني نه آهي، پي ٽي آءِ جي ب??ني ??يئ??مين کي محسن ڪشيءَ ۾ مهارت حاصل آهي.