اسلام آباد -10 سيپٽمبر (اي پي پي) قوم?? اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آهي، ته يوٽيليٽ?? اسٽورز ڪارپوريشن جي بندش جو فيصلو ناهي ٿيو، شراڪتدارن جي مشاورت سان هن اداري جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي، گذريل ڏينهن قوم?? اسيمبلي ۾ پاڪ ڊبليو ڊي ۽ يوٽيليٽ?? اسٽورز جي بندش سان ملازمن جي بيروزگار ٿيڻ بابت آصفه ڀٽو زرداري، سيد نويد قمر، راجه پرويز اشرف ۽ ٻين جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چ??و ته يوٽيليٽ?? اسٽورز کي بند نه پيو ڪيو وڃي، مان پهرين به ??ضاحت ڪئي آهي ته صرف اداري جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي، ملازمن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو. هن چ??و ته جوڙجڪ ۾ ملازمن جي نمائندن سميت لاڳاپيل شراڪتدارن سان مشاورت ڪئي ويندي، يوٽيليٽي ضروري ادارو آهي ۽ اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. ايس او ايز آرڊيننس ۾ واضح آهي ته ضروري ادارن جي نجڪاري يا ان کي بند نه ڪيو ويندو. آصفه ڀٽو زرداري جي سوال تي هن چ??و ته ڪابينه جي ڪارروائي ۾ اهڙو لفظ آيو آهي، جنهن سان شڪ شبها پيدا ٿيا، جڏهن ته اسان تفصيل سان صورتحال کي واضح ڪيو آهي. هي ادارو ڀٽو شهيد قائم ڪيو هو ۽ ان جو مقصد عام ماڻهن کي رليف ڏيڻ هو، وقت سان گڏوگڏ بي آءِ ايس پي جهڙا ادارا به بڻيا. بي آءِ ايس پي جو بجيٽ 600 ارب جي لڳ ڀڳ آهي، يوٽيليٽ?? اسٽورز لاءِ 60 ارب روپين جي سبسڊي جي به ??نظوري ڏني وئي آهي ته جيئن ماڻهن کي سستي ۽ معياري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چ??و ته وزيراعظم پاڻ به چاهي ٿو ته عام ماڻهن کي صحيح انداز ۾ رليف فراهم ڪيو وڃي. شين کي بهتر ڪيو پيو وڃي، صرف يوٽيليٽ?? اسٽورز نه پر ٻين ادارن جي بهتري لاءِ به ??دم کنيا پيا وڃن. سيد نويد قمر جي سوال تي هن چ??و ته يوٽيليٽ?? اسٽورز جي حوالي سان في الحال ڪو به ??يصلو ناهي ڪوي ويو جڏهن ته ان کي بند ڪرڻ جو ڪو به آپشن ناهي، پي ڊبليو ڊي کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو يو آهي. ان تي ڪميٽين ڪم ڪيو آهي، مرمت جو ڪم سي ڊي اي جي حوالي ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته پي ڊبليو ٽي جي چوٿين درجي جي ملازمن کي ٻين وزارتن ۽ کاتن ۾ ضم ڪيو ويندو، باقي ملازمن لاءِ مختلف پئڪيجز جون تجويزون ڏن??ون و??ون آهن، جن سان انهن جو مستقبل محفوظ ٿيندو. راجه پرويز اشرف جي سوال تي هن چ??و ته يوٽيليٽ?? اسٽورز جي يونين جي نمائندن کان پوءِ هڪ پريس رليز جاري ڪئي وئي هئي جنهن سان شڪ شبهن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي ها. هن چيوته پاڪ پي ڊبليو ڊي جي بندش جو فيصلو ٿي چڪو آهي، 25 هزار نه پر 7 هزار جي لڳ ڀڳ ملازمن جو معاملو آهي. سول سروس ايڪٽ ۾ ترميم متعارف ڪرائي ويندي، ان کان علاوه هڪ اٿ??رٽي جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، جتي اثاثه منتقل ٿيندا. ملازمن لاءِ پئڪيجز جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪيا ويندا. اعجاز حسين جکراڻي جي سوال تي هن چ??و ته هن ميڊيا آڏو چيو هو ته اسان يوٽيليٽ?? اسٽورز کي بند ناه??ون ڪري رهيا. هن وقت ملازم مطمئن آهن ۽ ڪم ڪري رهيا آهن. پاڪ پي ڊبليو ڊي جي ڀيٽ ۾ هڪ اٿ??رٽي بڻجي رهي آهي جنهن سان بهتري ايندي، ملازمن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ويندو. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) مزدورن جي تعليم ۽ صحت لاءِ گهڻو ڪم ڪيو آهي، اسان به ??لازمن جي تحفظ ۾ پرعزم آهيون. ملازمن جي مفادن جو تحفظ ايڪٽ آف پارليامينٽ ذريعي ڪيو ويندو. پاڪ پي ڊبليو ڊي تحت صوبائي نوعيت جي منصوبن لاءِ فنڊز صوبن کي ڏنا پيا وڃن. ڊاڪٽر نفيسه شاهه ۽ سيد نويد قمر جي سوالن تي هن چ??و ته پاڪ پي ڊبليو ڊي وٽ منصوبن لاءِ فنڊ صوبن کي ڏنا ويندا. نگران حڪومت اين ايم ايز لاءِ منصوبن لاءِ فنڊ بند ڪيا هئا، اسان ٻيهر اهو معاملو ڪابينه ۾ اٿ??ريو آهي ان تي هڪ اسٽيئرنگ ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. هن چ??و ته بهتري لاءِ سڌارا ۽ نئين سر جوڙجڪ ٿيڻ گهرجي. پاڪ پي ڊبليو ڊي ۾ هڪ مافيه بڻجي چڪي هئي، اسان بهتري طرف وڃي رهيا آهيون. ماڻهن ان جي بندش جي آجيان ڪئي آهي.