اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو آه?? ته جمهوريت ۽ آئين جي مضبوطي جي لاءِ سمورين سياسي پا??ٽين کي گڏجي هلڻ گهرجي، پاڻ ۾ الجهيل هونداسين ته پا??ليامينٽ جو وق??ر مجروح ??يندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته سياست ضرور ڪرڻ گهرجي پر حدن کي اورانگهڻ نه گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ ميثاق جمهوريت جي لاءِ فيبروري 2002ع ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه شروع ٿي، ان کان اڳ اسان جي تلخ تاريخ رهي هئي، ٻنهي پا??ٽين آئين جي بحالي ۽ جمهوريت جي مضبوطي جي لاءِ مئي 2005ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون، ان کانپوءِ ٻين سمورين سياسي پا??ٽين کي به دعوت ڏني وئي، ان ۾ عمران خان پاڻ موجود هو، ان دستاويز جي سڀني پا??ٽين توثيق ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ ئي الجهيا رهياسين ته پا??ليامينٽ جو وق??ر مجروح ??يندو. گذريل حڪومت جي دور ۾ جيڪڏهن پراڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا ته ضروري نه آه?? ته هاڻي به جاري نه ٿين. هن چيو ته جنهن ڪميٽي جي ڳالهه ٿي رهي آهي، هو ان ڪميٽي جي تائيد ڪري ٿو، اسان کي کليل دل سان ڏسڻ گهرج?? ته اهو ملڪ جيڪو 2017ع تائين دنيا جي 24 هين وڏي معيشت هو، اهو 2022ع ۾ 47 هين معيشت ڪيئن بڻيو. اسان کي ڏسڻ گهرج?? ته دهشتگردي جي خاتمي تي اربين ڊالر خرچ ٿيا ۽ دهشتگردي ختم ٿ?? ته ڪهڙا سبب آهن جو اها دهشتگردي ٻيهر تيزي سان ڪَر کڻي رهي آهي. اسان کي ان جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. پراڊڪشن آرڊر اسپيڪر جو استحقاق آهي، اسپيڪر سمورين پا??ٽين جي ڪميٽي ٺاهي ۽ ان جي لاءِ جينوين ٽي آو آرز ڏ?? ته جيئن ملڪي مسئلن جي حل لاءِ ڪنهن رستي جو تعين ٿي سگهي. حڪومت ان ڏس ۾ مڪمل معاونت فراهم ڪندي.