اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان غزه جي علائقي خان يونس ۾ مخصوص محفوظ زون المواسي تي اسرائيلي ??اب?? فوج جي فضائي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ 40 شهري شهيد ٿي ويا آهن، اسرائيلي ??اب?? فوج پاران بي گهر ماڻهن جي لاءِ پاڻ ان جڳهه کي محفوظ زون قرار ڏئي ان تي حملو ڪرڻ عالمي انساني قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته خان يونس ۾ قتل عام انساني زندگي جي بي توقيري ۽ فلسطيني عوام جي خلاف اسرائيل جي ??سل ڪشيءَ جي ارادن کي ظاه?? ڪري ٿو. هن چيو ته هڪ مخصوص محفوظ زون ۾ پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي انساني قانون جي سنگين خلاف ورزي کي ظاه?? ڪري ٿو. ترجمان چيو ته شهري آبادين ۽ انساني همدرديءَ جي علائقن جي تحفظ جي ضرورت آهي. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيلي ??اب?? فوج کي فلسطيني عوام جي خلاف ??سل ڪشيءَ جي مهم جاري رکڻ کان روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن تي جوابد?? بڻائي.