اسلام آباد-10 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌ??ڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت ??مل?? تيار ڪئي ويندي. چين جي وزيراعظم جو پاڪستان جو امڪاني دورو تمام گهڻو اهم آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ نون معاهدن ۽ منصوبن تي صحيحين جو امڪان آهي جيڪي سي پيڪ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن وفاقي وزير پروفيسر احس?? اقبال چين جي وزيراعظم جي امڪاني دوري کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ??ٺرائڻ جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. ان اجلاس ۾ چين پاڪستا?? اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت جاري منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ استحڪام تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ سي پيڪ جي مختلف منصوبن جي رفتار جو تفصيلي جائزو وروتو ويو جنهن ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي زونز جا ترقياتي ڪم شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته چين سان زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌ??ڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت ??مل?? تيار ڪئي ويندي ته جئين ٻئي ملڪ گڏجي خطي ۾ اقتصادي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن سان گڏ??گڏ صنعتي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. احس?? اقبال چيو ته ان فيز ۾ خاص اقتصادي زوز کي هٿي ??ٺرائڻ هڪ اهم هدف آهي جيڪو پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وڌ??ڪ موقعا فراهم ڪندو.