اسلام ??با??-02 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مهانگائي ۾ اسان جي اميدن کان وڌيڪ گهٽتائي ٿ?? آهي، پائيدار معاشي استحڪام لاءِ بنيادي سڌارا اڻٽر آهن، پاڪستان جو بئنڪنگ سيڪٽر بهتري طرف گامزن آهي، حڪومت پاليسي فريم ور?? ڏيندي، بئنڪنگ سيڪٽر سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪندو. اسلام ??با?? ۾ پاڪستان اڪانامي ڊيش بورڊ جي افتتاحي تقريب کي خطاب دوران هن چ??و ته اسان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، معاشي ترقي لاءِ سڌارا ڪيا پيا وڃن، مهانگائي جي شرح مسلسل گهٽجي رهي آهي. هن چ??و ته هي اسان جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام ان صورت ۾ هوندو جڏهن اسان بنيادي سڌارا ڪنداسين. هن چ??و ته اسان کي سڌارن ڏانهن وڃڻو پو??دو?? اسان کي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح کي وڌائڻو آهي، هن چ??و ته اسان جي معيشت جنهن جاءِ تي موجود آهي اسان کي ان کي استعمال ڪندي ملڪ ۾ معاشي استحڪام آڻڻو آهي. محمد اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت پاليسي فريم ور?? ۽ پاليسي ۾ تسلسل فراهم ڪرڻ جي عزم تي يقين رکي ٿ??. هن چ??وته ملڪ ۾ هن وقت جيڪو معاشي استحڪام آيو آهي اسان کي ان جي ذريعي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته اسان بنيادي سڌارا ڪريون ڇاڪاڻ ته اها اسان جي ملڪ جي بنيادي ضرورت آهي. هن چ??و ته پاڪستان جي بئنڪنگ سيڪٽر جي بهتري واري خوشخبري ملڪي معيشت لاءِ مثبت اڳڀرائي آهي. حڪومت جو پاليسي فريم ور?? فراهم ڪرڻ جو عزم ۽ بئنڪنگ سيڪٽر طرفان سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو واعدو ٻئي گڏجي معاشي ترقي ۽ مالياتي اسحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.هن چ??و ته بئنڪنگ سيڪٽر ۾ بهتري جو مطلب آهي ته سيڙپڪاري جي موقعن ۾ اضافو ٿي??دو?? ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي مالي مدد ملندي ۽ عام شهرين لاءِ به بئنڪاري خدمتن تائين پهچ آسان ٿيندي. حڪومت طرفان موثر پاليسي فريم ور?? نه رڳو بئنڪن کي بهتر طريقي سان ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو پر سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ به اضافو ڪ??دو?? جنهن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فضا سازگار ٿيندي. محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ڪرڻو آهي، پائيدار معاشي استحڪام لاءِ بنيادي سڌارا آڻڻ ضروري آهن. اهي سڌارا معيشت جي مختلف شعبن ۾ بهتري ۽ ڊگهي مدي واري استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهن. ڪجهه اهم قدم جيڪي پائيدار معاشي استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪري سگهجن ٿا انهن ۾ ٽيڪس نظام جا سڌارا، ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس چوري کي روڪڻ لاءِ موثر قدم کڻڻ ضروري آهن.ٽيڪس ڏيندڙن جي انگ ۾ اضافو ۽ منضفاڻو ٽيڪس جو نظام مالياتي خساري کي گهٽ ڪري سگهي ٿ??. هن چ??و ته پرڏيهي قرضن جي ذميواراڻي مينيجمينٽ ۽ مالياتي خساري کي گهٽ ڪرڻ لاءِ سخت مالياتي ڊسيپلين ضروري آهي. ان سان معيشت تي قرضن جو بار گهٽ ٿيندو ۽ قرضن جي ادائيگي ۾ آساني ٿ??ندي. سيڙپڪاري کي آسان ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻو پوندو. قانونن کي آسان ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کي لاڳو ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ راهه هموار ڪري سگهجي ٿ??. اهي سڌارا ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا ۽ ملڪي ترقي لاءِ لازمي آهن.