اسلام آباد-11 آڪٽوبر(اي پي پي) آسٽريليا پاڪستان کي نهري پاڻي جي ورڇ ت?? تحقيق واري منصوبي لاءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو، گذريل ڏينهن ??قتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه جي منظوري کان پوءِ اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري ڊ??ڪٽر ڪاظم نياز آسٽريلين سينٽر فار انٽرنشينل ايگريڪلچر ريسرچ جي چيف ايگزيڪيوٽو پروفيسر وينڊي امبر گر سان معاهدن تي صحيحيون ڪيون جن جو مقصد موسمياتي مناسبت جي لحاظ کان پاڻي جي ورڇ ڪرڻ آهي. ان معاهدي موجب آسٽريليا پاڪستان کي ان منصوبي لاءِ 3 ملين آسٽريلوي ڊالر فراهم ڪندو اهو منصوبو پنجن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن ??ان پاڪستان ۾ نهري پاڻي جي ورهاست ۽ طريقن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن ??رعي شعبي جي ترقي لاءِ آسٽريلوي سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو.