اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي جسٽس يحييٰ آفريدي چيف جسٽس آف پاڪستان جي ??هد?? ??و حلف کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر ۾ حلف برداري جي تقريب ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سروسز چيفس، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، گورنرز، وڏن وزيرن، وزيرن، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججز، اڳوڻن چيف جسٽسز، لاء آف??سر??، وڪيل تنظيمن جي ??هد??دارن، وڪيلن ۽ ميڊيا نمائندن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ما??هن پڻ شرڪت ڪئي. واضح رهي ته جسٽس يحييٰ آفريدي کي هڪ خصوصي پارلياماني ڪميٽي آئين جي نئين منظور ٿيل 26هين ترميم تحت سپريم ڪورٽ جي ٽن سينئر ترين ججن مان ايندڙ چيف جسٽس جي طور تي نامزد ڪيو هو ۽ ان حوالي سان هڪ سمري وزيراعظم صدر ڏ??نه?? موڪلي هئي. بعد ۾ جسٽس يحييٰ آفريدي جي بطور 30هين چيف جسٽس مقرري جي منظوري ڏني وئي.