اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي سئو انڊيڪس جا هڪ لک پوائنٽ?? عبور ڪرڻ تي سڄي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک پوائنٽ?? عبور ڪرڻ حڪومتي پاليسين تي ڪار??با??ي برادري ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو، انتشاري ٽولي جي ويندي ئي مثبت رجحان واپس آيو، ملڪي ا??تح??ام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م ان سنگ ميل کي عبور ڪرڻ تي حڪومتي معاشي ٽيم ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ مصروف عمل عملدارن کي خراج تحسين ڪندي چيو ته مُون پنهنجي قوم سان وچن ڪيو هو ته ملڪي معاشي ا??تح??ام ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندس. هن چيو ته پاڪستان کي ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ اسان پنهنجي سياست جي قرباني ڏني، الله جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي قرباني ضايع نه وئي. وزي??اع??م چيو ته ملڪي ا??تح??ام ۽ ترقي جا دشمن ملڪ کي ٻيهر ڊي ريل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ ۾ م??ان??ائي جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي، وياج 15 سيڪڙو تي ۽ مٽاسٽا جو ناڻو رڪارڊ سطح تي پهچي ويا هئا، وزي??اع??م ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪي ترقي جي لاءِ ائين ئي محنت ڪندا رهنداسين ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي دشمنن کي پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.