تونسه بئراج/ ڪوٽ ادو – 22 – نومبر (اي پي پي) پنجاب ??ي وزيراعليٰ مريم نواز شر??ف چيو آهي ته ڪڇي ڪئنال هڪ واهه نه آهي پر پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نواز شر??ف جي دور ۾ شر??عات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي. تونسه ۾ ڪڇي ڪينال منصوب?? جي بحال?? جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب ??ي وزيراعليٰ مريم نواز شر??ف چيو ته سڀني کي پنجاب ??ي ڌرتيءَ تي ڀليڪار چئون ٿا، هي هڪ واهه نه آهي پر پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نواز شر??ف جي دور ۾ شر??عات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي. هن چيو ته نواز شر??ف جي چئني صوبن کي ڳنڍڻ ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ معاشي خوشحال?? جي رستي تي شهباز شر??ف ڪاربند آهي، سندس دل ۾ پاڪستان جو درد آهي ته هو ان جي لاءِ ڪجهه ڪري، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ملڪ ۾ روزانو خوشحال?? جي خبر اچي رهي آهي، شهباز شر??ف جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ روزانو پاڪستان جي ڊيفالٽ ڪرڻ جون خبرون اينديون هيون پر هاڻي اسٽاڪ مارڪيٽ تيزي سان مٿي، ناڻي واڌ هڪ انگ تي اچي وئي آهي، ان سان پاڪستانين جي خريدار?? جي سگهه وڌي آهي، ماڻهو خوش آهن ۽ ڪنهن احتجاج تي ڌيان نه ڏئي ره??ا آهن، انهن جو گذريل چئن سالن جي دور ڏوهاري غفلت جو دور هو، انهن جي ايجنڊا گهيراءُ جلاءُ آهي، پنجاب ??ي عوام کي ان فتني کان ڪيئن تحفظ ڏيڻو آهي آئون ڄاڻان ٿي، پاڪستان کي الله پاڪ ان فتني کان محفوظ رکي. هن چيو ته اڄ هر شيءَ ۾ بهتري جو ڪريڊٽ مسلم ليگ (ن) جو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جڏهن ترقي اچي ٿي ته ان وقت مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ هوندي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن هڪ گهريلو عورت پاڪستان جي ڀائر دوست ملڪ تي حملو ڪيو آهي، اهو ملڪ پاڪستان جو محسن ملڪ آه?? جيڪو سدائين پاڪستان جي مدد لاءِ آيو، ان بيان جي پاڪستان تي اثرن جو انهن کي اندازو نه آهي.