اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ خوارج جي افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪ??م بڻائڻ ت?? سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي خراج تحسين پيش ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو آ??ي ته دهشتگردي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ٽن خوارج جهنم واصل ڪرڻ تي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي پيارن کان پري ملڪ جي سرحدن جي حفاظت تي مقرر پاڪ ??وج جا آفيسر ۽ جوان ساراهه جي لائق آهن.