راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ??يس پي آر) چيو آهي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجي ڌرتيءَ کي پاڪستان خلاف دهشتگرديءَ لاءِ ??ستعمال ٿيڻ ??ان روڪي. پنهنجي بيان ۾ آءِ ??يس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستان لڳ??تا?? عبوري افغان حڪومت ??ان مطالبو ڪندو رهيو آهي ته هو پنهنجي طرفان سرحدي انتظامن کي اثرائتو بڻائي. آءِ ??يس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز پنهنجي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي عزم تي قائم آهي ۽ ان حوالي سان ڀرپور قدم کنيا پيا وڃن.