اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر ش??ير ش??يف شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر ش??ير ش??يف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ به??در?? جي تاريخ لکي، قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گه??ڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ميجر ش??ير ش??يف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ به??در?? جو شاندار مثال هو، 1971ع جي جنگ ۾ ميجر ش??ير ش??يف شهيد سلمانڪي ۾ دشمن کي اڳيان وڌڻ کان روڪي رکيو. وزيراعظم چيو ته ميجر ش??ير ش??يف شهيد نه رڳو پنهنجي هدف جي حفاظت ڪئي، دشمن جي ٽينڪن کي ٽينڪ تباهه ڪندڙ رائيفل سان ناڪاره بڻايو پر ڪمپني ڪمانڊر سميت دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيو. طاقت جي نشي ۾ ٻُڏل پنهنجي ع??دي برتري جي باوجود دشمن ميجر ش??ير ش??يف شهيد جي موثر جواب جو مقابلو نه ڪري سگهيا. وزيراعظم چيو ته ميجر ش??ير ش??يف شهيد نشان حيدر ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميجر ش??ير ش??يف شهيد نشان حيدر پاران وطن سان محبت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ نوجوان نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. هن چيو ته ميجر ش??ير ش??يف شهيد نشان حيدر جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي دشمن جي ع??دي برتري کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي ميجر ش??ير ش??يف شهيد نشان حيدر ۽ سندس گه??ڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي غيرتمند قوم ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر نوجوانن جون قربانيون ڪڏهن به نٿي وساري سگهي. ميجر ش??ير ش??يف شهيد جي فرض شناسي ۽ وطن سان وفاداري جو مثال پُوري ڄمار تائين ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو رهندو.